速報APP / 圖書與參考資源 / Sindhsalamat Paigham-e-Quran

Sindhsalamat Paigham-e-Quran

價格:免費

更新日期:2019-05-31

檔案大小:10M

目前版本:1.1.5

版本需求:Android 4.4 以上版本

官方網站:http://sindhsalamat.com

Email:salamatsindh@gmail.com

Sindhsalamat Paigham-e-Quran(圖1)-速報App

Sindh Salamat Paigham-e-Quran

سنڌ سلامت پيغام قرآن

اڄ کان تقريبن 5 سال اڳ سنڌ سلامت طرفان اعلان ڪيو ويو هو ته قرآن ڪريم جي تلاوت و تحقيق لاءِ هڪ سافٽويئر تيار ڪيو ويندو. ان سنڌي سافٽويئر ۾ قرآن پاڪ جو مڪمل سنڌي ترجمو ۽ تفسير شامل ڪرڻ جو ڪيو ويندو جنهن سان پنهنجي مادري زبان ۾ اسلامي معلومات جي پکيڙ جي ڪوشش ڪئي ويندي. ان منصوبي تحت بغير ڪنهن فرقيواريت جي سنڌي زبان ۾ موجود مڙني ترجمن کي سافٽويئر جو حصو بڻايو ويندو. ان وقت کان وٺي سنڌ سلامت ان واعدي کي پنهنجي مٿان هڪ قرض محسوس ڪري رهي آهي.

جيئن ته زبان جي پيچيدگين بابت اسان جي ناواقفيت، ڪمپوزنگ کان وٺي پروف ريڊنگ تائين جهڙو ڏکيو عمل ۽ ڪمپيوٽر ۾ عربي ۽ سنڌي پراسيسنگ لاءِ بهتر نظام جو موجود نه هجڻ ڪري سنڌ سلامت بي وس بڻيل هئي. حقيقت ۾ اهو ڪم قابليت جي لحاظ کان وڏو هو. پر الله پاڪ حضورِ اقدس صلي الله عليه والسلم جي طفيل دين جي تبليغ جهڙي هن عظيم مقصد ۾ حصو وٺڻ لاءِ رستو هموار ٿيو ۽ هن ڀلاري مهيني رمضان ڪريم ۾ ان منصوبي کي هڪ ٻئي رخ سان شروعات ڪرڻ لاءِ آسانيون مهيا ٿيون. الله پاڪ جي اهڙين عطائن کان پوءِ هڪ يقين ٿيڻ لڳو ته اهو پروجيڪٽ مڪمل ٿي سگهي ٿو.

جنهن کان پوءِ ايندڙ مسئلن کي الله پاڪ طرفان حل ٿيڻ جي يقين سان هن منصوبي ۾ ضروري تبديليون ڪندي سڀ کان پهريان سنڌي ڊجيٽل قرآن جو آن لائين پورٽل تيار ڪيو ويو آهي جنهن ۾ عربي آيتن سان گڏ اڳ ئي ڪمپوز ٿيل هيٺيان سنڌي ترجما شامل ڪيا ويا آهن:

Sindhsalamat Paigham-e-Quran(圖2)-速報App

1. قرآن پاڪ سنڌي ترجمو ــ مولانا تاج محمد امروٽي

2. ائين چيو اللہ ــ علامه علي خان ابڙو

3. علامہ عبدالوحيد جان سرھندي

4. سيد فرمان علي

5. احسن البيان – مولانا ادريس ڏاھري

Sindhsalamat Paigham-e-Quran(圖3)-速報App

6. مدني ترجمو

جڏهن ته جلد ”نورالقرآن سنڌي منظوم ترجمو“ ـــ مولوي حاجي احمد ملاح جن جو پڻ شامل ڪيو ويندو:

سنڌ سلامت پيغام قرآن ايپ ۾ شامل آهن:

1. واضح ۽ خوبصورت عربي متن

2. واضح ۽ خوبصورت سنڌي متن

Sindhsalamat Paigham-e-Quran(圖4)-速報App

3. هڪ ئي وقت هر آيت جا مختلف ترجما پڙهڻ جي سهولت

4. سيڪنڊن ۾ پنهنجي مطلوبه آيت تائين پهچ

5. سموري مواد مان پنهنجي مطلوبه لفظ جي ڳولا جي سهولت

6. بوڪ مارڪ ڪري اڳ پڙهندڙ آيت تي پهچڻ جي سهولت

مٿين خصوصيتن جو صرف سرسري ذڪر ڪيو ويو آهي جن کي يقينن ڄاڻو آساني سان سمجهي ويا هوندا. ڄاڻو ۽ قابل سنڌين کي درخواست آهي ته هن ڪارِ خير ۾ پنهنجي صلاحيتن کي شامل ڪرڻ لاءِ اسان سان اي ميل ذريعي ضرور رابطو ڪن ان کان علاوه مختلف مڪتبهءِ فڪر ساٿين ۽ مذهبي عالمن کي پڻ درخواست آهي ته جيڪڏهن سندن وٽ قرآن الڪريم بابت ڪو ڪمپوز ٿيل سنڌي مواد يا ترجمو موجود آهي ته اسان سان رابطو ڪري موڪلي ڏين ته جئين هن ايپليڪيشن ۾ اضافو آڻي سگهجي.

Sindhsalamat Paigham-e-Quran(圖5)-速報App

آخر ۾ توهان سان گذارش آهي ته مطالعي جي دوران جيڪڏهن ڪا غلطي يا خامي نظر مان گذري ته اسان کي ضرور اطلاع ڏين. توهان جي قيمتي راين ۽ رهنمائي ۾ انشاء الله اسان جو سفر جاري رهندو.

Sindhsalamat Paigham-e-Quran(圖6)-速報App